اسلامي فلسفو ۽ تصوف

اسلامي فلسفو ۽ تصوف (ڪتاب): اسلام سميت دنيا جي قديم ۽ جديد مذهبن جي فلسفن، نظرين ۽ تصوف بابت هي ڪتاب سنڌ جي نامياري مصنف ابوبڪر خان مگسيءَ لکيو آهي. هي ڪتاب ڪل پنجن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ اسلام کان آڳاٽو ايراني فلسفو ۽ مذهب، اخلاقيات، اسلامي فلسفي جو سونهري دور، اوڻويهين صديءَ ۾ اسلامي فلسفو ۽ علم تصوف شامل آهن. ان کان سواءِ مٿرا جو مذهب، ٻڌ ڌرم ۽ عيسائيت جي حوالي سان دنيا ۾ جيڪي نظريا ۽ فلسفا رائج آهن، تن جي قرآن مجيد جي روشنيءَ ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي.
304 صفحن جي ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جڏهن ته هن جي قيمت 150 روپيا آهي.


لفظ اسلامي فلسفو ۽ تصوفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو